شيري رحمان

شيري رحمان

شيري رحمان

شيري رحمان: شيري رحمان 21 ڊسمبر 1960ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ بئريسٽر حسن علي عبدالرحمان جي گهر ۾ جنم ورتو. هن جو ڇٺيءَ جو نالو شهربانو رحمان رکيو ويو هو. سندس پيءُ حسن علي عبدالرحمان وڪيل هجڻ سان گڏ تعليمي ماهر پڻ هو. هو سنڌ مدرسه بورڊ جو سربراهه رهڻ سان گڏ سنڌ يونيورسٽيءَ جو ان وقت وائيس چانسلر هو، جڏهن ايوبي آمريت دوران ون يونٽ خلاف شاگرد جدوجهد جو 4 مارچ وارو تاريخي واقعو پيش آيو. شيري رحمان جي ماءُ بئنڪ آف پاڪستان'>اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي نائب صدر رهي هئي. هوءَ انهيءَ عهدي تي ڪم ڪندڙ پهرين عورت هئي، سندس چاچو جسٽس طفيل علي عبدالرحمان سنڌ ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽن جو چيف جسٽس رهيو هو.
شيري رحمان، انگلينڊ ۾ عورتن جي ڪاليج ‘سمٿ ڪاليج’ ۽ ‘يونيورسٽي آف سسيڪس’ (University of Sussex)مان آرٽ جي تاريخ ۽ پوليٽيڪل سائنس ۾ ڊگري حاصل ڪئي. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ هِن ويهن سالن تائين عملي صحافت ڪئي. ان دوران هن قومي ۽ بين الاقوامي اخبارن ۽ رسالن لاءِ مضمون لکيا. هوءَ پاڪستان جي اهم انگريزي رسالي هيرالڊ جي ڏهن سالن تائين ايڊيٽر ان چيف ۽ 1988ع کان 1998ع تائين ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرس ايڊيٽرس (سي. پي. اين. اِي) جي ميمبر رهي. 1999ع ۾ هوءَ هڪ ٽي وي چينل جي ڪرنٽ افيئرس بابت شو جي اينڪر به رهي.
شيري رحمان پهرين پاڪستاني شهري آهي، جنهن کي سندس ڪارڪردگيءَ جي مڃتا طور برطانيه جي هائوس آف لارڊس 2002ع ۾ منعقد ڪيل مسلم ورلڊ اوارڊ تقريب ۾ آزاد صحافت جو اوارڊ ڏنو. هن جي شادي نديم حسين نالي هڪ بئنڪار سان ٿيل آهي، جيڪو مائڪرو فنانس بئنڪ جو صدر ۽ چيف ايگزيڪيٽو آفيسر (C.E.O) آهي.
شيري رحمان 2002ع کان 2007ع تائين پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر رهي. کيس پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جي ٽڪيٽ تي عورتن جي مخصوص سيٽ تي چونڊيو ويو هو. ان دوران هوءَ پي پي جي پاليسي ساز اداري جي سربراهه به هئي. پ پ پ جي پرڏيهي لاڳاپن واري ڪميٽيءَ ۾ پڻ هوءَ شامل هئي. 2008ع جي مارچ مهيني ۾ شيريءَ کي هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ مان قومي اسيمبليءَ جي مخصوص سيٽ تي چونڊيو ويو.
وزيراعظم يوسف رضا گيلانيءَ جي وزارت عظميٰ ۾ کيس اطلاعات ۽ نشريات واري کاتي جي وفاقي وزير مقرر ڪيو ويو ۽ 31 مارچ 2008ع تي هِن پنهنجي عهدي جو حلف کنيو هو. شيري رحمان قومي اسيمبليءَ جي رڪنيت واري دور ۾ پيپلز پارٽيءَ طرفان قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيل پنج ئي بل پاڻ تحرير ڪيا هئا، جن ۾ ڪاروڪاريءَ خلاف بل، گهريلو تشدد کان روڪٿام وارو بل، افرميٽو ايڪشن بل ۽ حدود آرڊيننس جي خاتمي وارو بل شامل آهن. هن ميڊيا جي حوالي سان ٻه بل پاڻ قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيا هئا، جن مان هڪ فريڊم آف انفارميشن بل ۽ ٻيو پريس ايڪٽ شامل آهن، جيڪي 1999ع واري پريس آرڊيننس تحت ڪنهن به صحافيءَ جي گرفتاريءَ کان روڪين ٿا. 2009ع ۾ هن وزارت تان استعيفا ڏني ۽ نومبر 2011ع کان مئي 2013ع تائين آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير ٿي رهي. پاڪستان ۾ وفاقي ڪابينا ۾ وٽس اطلاعات کان علاوه صحت، عورتن جي ڀلائي ۽ ثقافت کاتي جي اضافي چارج پڻ هئي.
شيري رحمان قومي سياست سان گڏوگڏ سول سوسائٽيءَ جي تنظيمن ۾ پڻ سرگرم رهي آهي. هوءَ هن وقت ليڊي ڊفرن فائونڊيشن ٽرسٽ جي سربراهه آهي، جنهن بابت چيو وڃي ٿو ته، اهو ادارو سنڌ ۾ بنا منافعو ڪمائڻ جي عورتن ۽ ٻارن کي صحت جون سستيون سهولتون مهيا ڪري ٿو. انٽرنيشنل ريپبلڪن انسٽيٽيوٽ طرفان جنوري 2009ع ۾ جاري ڪيل هڪ رپورٽ ۾ هن کي شهيد محترمه بينظير ڀٽو سان جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ جدوجهد ۾ ساٿ نڀائڻ جي عيوض ’جمهوريت جي هيرو‘ جو اعزاز ڏنو ويو. گڏيل عرب امارات جي رسالي ’اهالن‘، ’هڪ سؤ بااثر ايشيائي ماڻهن‘ واري فهرست ۾ هن جو نالو پڻ شامل ڪيو آهي. شيري رحمان جو ناهيد جعفريءَ سان گڏ لکيل ڪتابThe Kashmiri Shawll From Jamawar to Paisley-2006ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب کي آمريڪا ۾ اوارڊ پڻ ڏنو ويو.


لفظ شيري رحمانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.12.21  عيسوي

شيري رحمان 21 ڊسمبر 1960ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ بئريسٽر حسن علي عبدالرحمان جي گهر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

نوشين شيخ
طالب حسين ڀورو بروهي
احفاظ الرحمان
رنگيلو
خانو رام ڀڳت
شيخ عبدالرئوف
پلي درويش
انور جوکيو
پاٽائي اسحاق قلندر سنڌي
شني آهوجا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون